چندن هار2

چندن هار2 (ڪتاب): شمس العلماء، مرزا قليچ بيگ جي شاعريءَ جو هي اهم ڪتاب، سندس وڏي فرزند اجمل بيگ مرزا جي پيش لفظ سان پهريون ڀيرو مڪمل، سنڌي ادبي بورڊ، 1959ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو هو. چندن هار جو پهريون ڀاڱو 1916ع ۾ شايع ٿيو هو، جيڪو اڄڪلهه ناياب آهي. ’چندن هار‘ جا ٻئي ڀاڱا گڏي، اجمل بيگ جي ترتيب سان سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽري محمد ابراهيم جويي ڇپرايا. چندن هار (شاعري) ۾ ڪم آيل مضمون، عليم ۽ عقلي نڪتن ۽ تمثيلن، ضرب المثل ۽ نصيحت آميز ڳالهين تي مشتمل آهن. ڪتاب جا ٻئي ڀاڱا مختلف مضمونن ۽ شعر جي جدا جدا بحرن ۽ وزنن تي مشتمل آهن. مضمونن جي فهرست ڪتاب جي آخر ۾ ڏني وئي.
هن ڪتاب ۾ متفرقه شعر آهن، جيڪي ننڍن قطعن، مثنوين، رباعين، مسدس، مخمس تي مشتمل آهن. هڪ بحر ۽ وزن وارا شعر هڪ هنڌ ڏٺا ويا آهن ۽ انهن جي مهڙ ۾ شعر جو بحر ۽ وزن به ڏنو ويو آهي.
هي ڊيمي سائيز جي 561 صفحن تي مشتمل ڪتاب آهي، جنهن جي فهرست پٺيان چوويهن صفحن تي ڏنل آهي. ڪتاب جي قيمت 1959ع ۾ 6 روپيا رکي وئي هئي


هن صفحي کي شيئر ڪريو